ڇولڪيار کڳو

ڇولڪيار کڳو: هيءُ کڳو مڇيءَ جو هڪ قسم آهي، کڳي مڇي گول آنا لاهيندي آهي، باقي ٻيون سڀ مڇيون آني ڪنديون آهن. کڳي، ڍانگري ۽ گولي آني کڻي وات ۾ ڪنديون آهن ۽ جڏهن ٻچا ڦٽندا ته وات مان ڪڍي ڇڏينديون آهن. مادي کڳي آنا لاهيندي ويندي آهي ۽ نر پويان وات ۾ آنا جهٽيندو ويندو آهي، نتيجي ۾ پاڻ سُڪي ڪنڊا ٿي ويندو آهي پر آنا کائيندو نه آهي، جڏهن ٻچا ڦٽندا آهن، تڏهن وات کولي ٻج ڪڍي ڇڏيندو آهي. هن کڳي جي ڊيگهه ٻه فوٽ ۽ تور ٻه ڪلو تائين ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو